اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت مو??انا فض?? الرحمان جي 1993ع کان وٺي 2018ع تائين مختلف دورن ۾ پنهنجي ڀاءُ، ناٺيءَ ۽ فرنٽ مينن ذريعي اربين رپيا ماليت جون بي نامي ملڪيتون ٺاهڻ، ڊيزل اسمگلنگ، فنڊز ۾ بي ضابطگين ۽ ڪرپشن بابت تفصيل جاري ڪندي گلگ?? بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور مو??انا فض?? الرحمان تي ملڪ ۾ فرقيواريت پکيڙڻ ۾ ملوث هُجڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته مو??انا جي ملڪيتن جي حوالي سان ثبوت موجُود آهن، مو??انا فض?? الرحمان کي چئلينج ڪريان ٿو ته اهو ڪوڙ آهي ته اسان جي خلاف هتڪ عزت جو نوٽيس موڪلي، مو??انا فض?? الرحمان ٻڌائي ته سندس ٻاهرئين قوتن سان ڇو رابطو آهي، انڊين نيشنل سيڪيورٽي ايدوائيزر سان ڪهڙ حوالي سان گڏجاڻي ٿي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ڪشمير، گلگ?? بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.