اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊون 2023ع ۾ آءِ وٽنگ سان اوورسيز پاڪستانن کي ووٽ ڏيڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ رجسٽريشن جلد شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني رڪارڊ مٽاسٽا جي ناڻي سان ملڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پرڏيهي پاڪستانين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب اڃان تائين ووٽ وجهڻ جي سهولت ناهي ملي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ ووٽنگ جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارمي??ن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن وار?? وفاقي وزير سيد امين الحق، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وار?? وفاقي سيڪريٽري نديم ارشد ڪياني، انفارمي??ن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وار?? وفاقي وزير سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپو??، نادرا جي وقتي چيئرمين برگيڊيئر (ر) خالد لطيف، ڊي جي آءِ ٽي اي سي پي خضر عزيز ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته توهين عدالت کان بچڻ لاءِ چونڊن ۾ آءِ ووٽنگ سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شرڪت يقيني بڻائڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو ماضي ۾ عدالت ان حوالي سان هدايتون ڏئي چڪي آهي، لاڳاپيل ادارا انفارمي??ن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪيمونيڪيشن واري وزارت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزار??، نادرا ۽ ٻاهرين ملڪ مشنز، اليڪشن ڪميشن جي منظوري کانپوءِ تقريبن 90 لک اوورسيز پاڪستانين جي رجسٽريشن لاءِ انتظام ڪري هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته هو موقف کي ثبوت جي طور تي اي سي پي کي بريفنگ لاءِ پروٽوٽائيپ اي وي ايم ٺاهي ته جيئن حتمي اي وي ايم اليڪشن ڪميشن پاران بهتر خصوصيتن موجب بڻائي سگهجي، هن چيو ته چونڊ سڌارن جو عمل اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ ۽ بنيادي ذميداري آهي.