اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته خطي ۾ سياحت جي بي انتها گنجائش موجود آهي، ان ??لاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ، جديد انفرااسٽرڪچر جي قيام ۽ مقامي آبادي کي سياحت جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گلگت بلتستان ڪائونسل جي ٻارهين (12) سيشن جي صدارت ڪندي ڪيو. ڪائونسل گلگت بلتستان ۾ عوام کي مواصلات جي بهتر سهو??تن جي فراهمي جي غرض سان نيڪسٽ جنريشن موبائيل سروسز سپيڪٽرم جي نيلامي جي حوالي سان ??ال??سي ڊائريڪٽيو جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ گگلت بلتستان ڪائونسل (اليڪشن) رولز 2021ع جي منظوري ڏني، گلگت بلتستان ڪائونسل جي 6 ميمبرن جي چونڊ گلگت بلتستان ڪائونسل (اليڪشن) رولز 2021ع تحت ڪئي ويندي. ڪائونسل منهاس ح??ين?? ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غذر، جي جج طور بئنڪنگ اينڊ ڪسٽمز ڪورٽ گلگت بلتستان مقرري جي منظوري ڏني، جناب منهاس حسين کي جج قومي احتساب ڪورٽ گلگت بلتستان ??و اضافي جارچ ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي، ايجنڊا جي باقاعده منظوري کانپوءِ وزيراعظم عمران ??ان گلگت بلتستان جي وڏي وزير کان ??ازين برساتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ رليف قدمن جي حوالي سان ??ريفنگ ورتي، گلگت بلتستان ۾ سياحت جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ فروغ جي حوالي سان ??ه تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ سياحت جي بي انتها گنجائش موجود آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان ??لاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ، جديد انفرااسٽرڪچر جي قيام ۽ مقامي آبادي کي سياحتي جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪئي وڃي ته جئين جتي سياحت کي فرُغ حاصل ٿئي اتي مقامي آبادي کي بهتر معاشي موقعا ميسر اچي سگهن.