اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو خواب مديني جي رياست وانگر فلاحي نظام، معاشي ترقي ?? خوشحال عوام آهي، محدود وسيلن وارن 37 لک خاندانن کي 1400 ارب سان معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪامياب پا??ستان پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، ان سان غربت جي خاتمي، محروم طبقن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪامياب آبادگار جي ذريعي آبادگارن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا، ڪامياب ڪاروبار پروگرام ت??ت ڪاروبار جي لاءِ پنج لک تائين بنا وياج قرض ڏنا ويندا، سستا گهر اسڪيم تحت پنهنجو گهر بڻائڻ جي لاءِ آسان قسطن تي فنانسنگ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ فني تعليم ۽ صحت انصاف ڪارڊ به ڪامياب پا??ستان پروگرام جو حصو آهي.