اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته القادر يونيورسٽي جو قيام وزيراعظم عمران خان جو جهلم جي عوام جي لاءِ هڪ ٻيو تحفو آهي، اها يونيورسٽي ??وش?? سائنسز ۾ نئين جهت جو اضافو ڪندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته القادر يونيورسٽي هڪ اهڙي عالمي درسگاهه بڻجندي جنهن ۾ تصور، اسلام ۽ سائنس جي علم جا اسڪالرز پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ٽوئيٽ موجب وزيراعظم عمران خان اڄ ??وم?? ڏينهن القادر يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ بلاڪس جو افتتاح ڪندو. اسلامي تعليم، تصور ۽ جديد سائنسي تحقيقي تي ٻڌل القادر يونيورسٽي نوجوان نسل ۾ علم ۽ تحقيق جي فروغ کانسواءِ انهن جي ڪردارسا??ي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.