اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار چيو آهي ته وفاقي ڪابينه ۽ پنجاب حڪومت پهريون ڀيرو ننڍي ۽ـ وچولي درجي جا ڪاروباري ??دارن واري ??عبي (??يس ايم اي) لاءِ پاليسي منظور ڪئي آهي، ان شعبي ۾ 10 لک کا?? وڌيڪ ادارا ڪم ڪري ??هيا آهن، جڏهن ته لارج اسڪيل مينيوفيڪچرنگ ۾ 4 هزار مينيوفيڪچرنگ يونٽ ڪم ڪري ??هيا آهن، 78 سيڪڙو نوڪريون ??يس ايم اي سيڪٽر ۾ آهن. ??يس ايم ايز کي 3 درجن ۾ ورهايو ويو آهي، نئون ڪاروبار شروع ڪندڙن کي اين او سي سان آزادي ملي وئي، ??يس ايم اي ڪاروبار ڪندڙن کي خاص مراعتون ڏينداسين. ??يس ايم ايز جي شعبي ۾ ڪاروبار ڪندڙ عورتن کي ٽيڪس ۾ 25 سيڪڙو خاص رعايت ڏني ويندي، ان شعبي جي ماليات تائين پهچ لاءِ 23 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ??يس ايم ايز لاءِ 4200 ايڪڙ ايراضي مختص ڪئي وئي آهي جنهن تي 19500 پلاٽ آسان قسطن تي فراهم ڪيا ويندا. ??يس ايم ايز کي اين او سيز حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگهي طريقيڪار کا?? نجات حاصل هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. مخدوم خسرو بختيار چيو ته وفاقي حڪومت پهريون ڀيرو ??يس ايم اي پاليسيءَ کي منظور ڪيو آهي، ان پاليسيءَ تحت پيداواري ڪاروبارن کي ٽيڪس ۾ 57 سيڪڙو کا?? 83 سيڪڙو تائين خاص ڇوٽ ڏني ويندي ته جيئن نه صرف پيداوار لاڳت گهٽ ٿئي پر پرافٽ مارجن به وڌي سگهي. پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 لک 20 هزار جي لڳ ڀڳ معاشي يونٽ موجود آهن جن مان 99 سيڪڙو يونٽ سمال اينڊ ميڊيم درجي جي ڪاروبارن تي ٻَڌل آهي. عوام جي معاشي، سماجي ۽ خوشحالي ۽ ملڪ جي مجموعي معاشي ترقيءَ ۾ انهن جو ڪردار تمام اهم آهي. هن چيو ته اهو ڪاروبار نه صرف روزگار جي فراهميءَ جو بنيادي ذريعو آهي پر جي ڊي پي جو 40 سيڪڙو حصو ۽ روانگي واپار جو به 25 سيڪڙو حصو انهن ڪاروبارن تي اچي ٿو. ننڍين ۽ وڏين معاشي سرگرمين ۾ خاص اهميت رکڻ باوجود ماضي ۾ انهن ڪاروبارن جي ڀلائيءَ حڪومتي سطح تي ڪوششون نظر نه پيون اچن. هن جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت ڄاڻايل ڪاروبارن کي هر قسم جون مراعتون فراهم ڪري ??نهن کي خودمختيار بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي. نيشنل ??يس ايم اي پاليسي 2021ع انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ان پاليسيءَ جو مرڪزي مقصد ننڍي ۽ وچولي طبقي جي ڪاروبار ڪندڙن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته ان پاليسيءَ تحت ??يس ايم ايز کي قيام کا?? وٺي مصنوعات ۽ خدمتن جي وڪري ??ائين هر قدم تي ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ??اروبار جي شروعات جي حوصله افزائيءَ لاءِ ??يس ايم اي لاءِ صنعتي زون ۾ 4200 ايڪڙو زمين جي خاص الاٽمينٽ ڪئي ويندي. هن چيو ته غير رسمي ڪاروبارن تي ليبر قانون لاڳو نٿا ٿين جنهن سبب انهن جو سماجي تحفظ تمام ڏُکيو ٿي ويندو آهي. نيشنل ??يس ايم اي پاليسيءَ تحت ان جي معاشي ڌارا ۾ شموليت آسان بنائڻ لاءِ نه صرف انهن تي ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪئي ويندي پر شفاف اي انسپيڪشن جو نظام به متعارف ڪرايو ويندو، جنهن سان انسپيڪشن آفيسرن جا صوابديدي اختيار گهٽ ٿي ويندا ۽ صنعتڪارن جي هراسگي جا امڪان نه رهندا. هن چيو ته ??يس ايم ايز جي مارڪيٽن ۽ صارفين تائين پهچ آسان بنائڻ لاءِ به اي ڪامرس، آن لائن بزنس ۽ مقامي ۽ عالمي نمائشن ۾ شموليت جي خاص حوصله افزائي ڪئي ويندي، ان سان گڏوگڏ حڪومتي ڪانٽرڪٽس ۽ پبلڪ پروڪيورمينٽ ۾ ??يس ايم ايز جي وڌ کا?? وڌ شموليت لاءِ مخصوص ڪوٽا مختص ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪاروباري ماڻهن لاءِ اها پاليسي نهايت سٺو سنوڻ آهي. ??يس ايم ايز کي هٿي وٺرائڻ سان بيروزگاريءَ جي خاتمي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي ۽ قوم ۽ ملڪ جي معاشي خوشحاليءَ جو به ضامن بڻجندي.