دبئي – 21 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته فلاپ فلمون لنڊن وڃي ويهي رهيون آهن، نواز شريف اينڊ ڪمپني جڏهن اقتدار ۾ هئي ته صرف انهن جون فلمون هلي رهيون هيون، اصل فلم طرف ڪنهن ڌيان نه ڏنو، رانا شميم جي حلفي بيان جي باري ۾ چارلس گوٿري به تصديق ڪئي آهي ته حلفي بيان نواز شريف جي گهر تي صحيح ٿيو، اها ڳالهه هن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چ??و ته دبئي ۾ فلم فيسٽيول ۾ 11 پاڪستاني فلمون ڏيکاريون وينديون، يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني ان فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمون ڏسڻ اچن. هن چ??و ته پاڪس??ان جي فلم انڊسٽري بح??ل ٿي رهي آهي، ان کان اڳ صرف سياستدانن جا ڊراما ڏٺا ويندا هئا، نواز شريف اينڊ ڪمپني جڏهن اقتدار ۾ هئي ته صرف انهن جون فلمون هلي رهيون هيون، اصل فلم جي طرف ڌيان نه ڏنو. فلاپ فلمون لنڊن ۾ وڃي ويهي رهيون آهن، هن چ??و ته رانا شميم جي حلفي بيان جي باري ۾ چارلس گوٿري به تصديق ڪئي آهي ته اهو بيان حلفي نواز شريف جي گهر تي صحيح ٿيو، اهو گهڻو اهم معاملو آهي، شريف فيملي کي ان تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي. چوڌري فواد حس??ن چ??و ته اوورسيز پاڪستانين اسان جا سر جا تاج آهن ۽ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني ان تاج جا هيرا آهن، وفاقي وزير چ??و ته 15 لک پاڪس??ان يو اي اي ۾ رهن ٿا، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ انهن جو سڀني کان وڏو حصو آهي، هن چ??و ته روشن ڊجيٽل پاڪس??ان اڪائونٽ ۾ به سڀني کان وڌيڪ تعداد يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين جو آهي. وفاقي وزير چ??و ته جهڙي طرح عمران خان ۽ اوورسيز پاڪستانين سان گڏ بيٺو آهي، اهڙي طرح اوورسيز پاڪستاني به عمران خان جي پويان بيٺل آهن، هي اهو ئي اتحاد آهي جيڪو پاڪس??ان کي اڳيان وٺي هلندو.