??سل??م آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي ميمبر حاجي خيال زمان جي لاڏاڻي ت?? ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽر ت?? پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان مرحوم جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هن قومي اسيمبلي جي هڪ اجلاس ۾ پنهنجو فيصلائتو ووٽ وجهڻ ??ي لاءِ سخت بيماري جي باوجود شرڪت ڪئي. وزيراعظم مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي ۽ سن??س گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.