لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? ملڪ صنعتي ترقي سان اڳتي وڌي ٿو، حڪومت صنعتن جي لاءِ مراعتون ڏئي رهي آهي، ماضي ۾ روانگي واپار جي فروغ ??ي ڌيان نه ڏنو ويو، اسان جو ڌيان ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن تي آهي، ايس ايم ايز جي لاءِ مراعتون ڏئي رهيا آهيون، سمنڊ پار پاڪستانين کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??نڊ??ٽريل پئڪيج جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چ??و ته حڪومت جي ڪارڪردگي جو لاڳيتو جائزو وٺندو رهندو آهيان، ڪاروباري طبقي جي لاءِ پئڪيج جو اعلان تمام اڳ ۾ ٿيڻ گهرجي ها. هن چ??و ته صنعتي ترقي جي بنياد تي ملڪ اڳتي وڌندا آهن. ماضي ۾ پاڪستان وڏي تيزي سان ترقي ڪري ??هي?? هو. 70ع جي ڏهاڪي ۾ ٿيندڙ نيشنلائيزيشن سان نقصان ٿيو، سوشلسٽ مائنڊ سيٽ موجب صنعتن کي منافعو ڪمائڻ جي اجازت نه هجي ته ترقي ڪيئن ٿي سگهي ٿي. دولت جي پيداوار سان ئي ملڪ ترقي ڪندو آهي. وزيراعظم چ??و ته گذريل حڪومتون ملڪ جي معيشت صحيح ڪرڻ ۾ ناڪام ??هي??ن. پرڪشش مراعتن جي بنياد تي سيڙپڪاري راغب ٿئي ٿي. حڪومت ۾ ايندي ئي اسان جي پهرين ترجيح ملڪ ۾ صنعتي شعبي جو فروغ هو. هن چ??و ته ايمنسٽي جي عمل سان صنعتي شعبي کي سڌوسنئون فائدو پهچڻ گهرجي. وزيراعظم روانگي واپار جي فروغ لاءِ حڪومت جي پاليسين کي اجاگر ڪندي چ??و ته ماضي ۾ روانگي واپار جي فروغ ??ي ڌيان نه ڏنو ويو. اسان جو ڌيان ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ تي آهي. اسان ان حوالي سان پاليسيون کڻي آياسين ۽ ان شعبي کي مراعتون ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم چ??و ته ڪاروبار جي لاءِ آسانيون پيدا ڪندڙ ملڪن جي درجابندي ۾ پاڪستان جي پوزيشن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چ??و ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن. انهن جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪنداسين ۽ مراعتون ڏينداسين. حڪومتي پاليسين جي ڪري اڄ مٽاسٽا جو ناڻو رڪارڊ سطح تي آهي.