اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت مافياز جي خلاف ڄمي بيٺل آهن، چورن ۽ ڦورئن جي خلاف جدوجهد جاري آهي، اهو سلسلو منطقي انجام تي پهچندو، آرٽيڪل 63 اي آئين جو بنيادي حصو آهي، ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ، لوٽا ڪريسي کي ريگولرائيز ڪرڻ جي ڪوشش ۽ چونڊيل حڪومت جي خلاف سازش تي سپريم ڪورٽ کان تشريح گهري وئي آهي، سپريم ڪورٽ کان جيڪو به جواب ايندو، اهو عوام جي سامهون رکنداسين، او آءِ سي پرڏ??هي وزيرن جي ڪانفرنس جي خلاف جيتريون سازشون مخالف ڌر ڪيون ايتريون ڀارت ۽ اسرائيل ناهن ڪيون، ن ليگ جو ميڊيا سال پي ٽي آءِ جي ڊي پيز ٺاهي ??وج جي خلاف مهم هلائي رهيو ??هي، ??وج ۽ پي ٽي آءِ ۾ وڇوٽيون وجهڻ جي ن ليگ جي اهڙي سازش ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي. اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي، ان موقعي تي وفاقي وزير حماد اظهر ۽ پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ به موجود هئا. چوڌري فواد حسين چيو ??ه سپريم ڪورٽ ۾ اڄ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي آهي، صدارتي ريفرنس تي به ڳالهه ٿي آهي، آرٽيڪل 63 اي آئين جو بنيادي حصو آهي، سپريم ڪورٽ کي چيو ويو ??هي ته موجوده حالتن ۾ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح ڪئي وڃي ۽ ٻڌايو وڃي ته پاڪستان جي آئين تحت ضمير فروشي، لوٽآ ڪريسي، ووٽ وڪرو ڪرڻ جي اجازت آهي يا نه. سپريم ڪورٽ کان جيڪو به جواب ايندو اهو عوام جي سامهون رکنداسين، هن چيو ??ه عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت مافياز جي خلاف ڄمي بيٺل آهي، اسان کي پهرين ڏينهن کان پتو هو ته مافياز جي خلاف قدمن تي اسان جي خلاف سازشون ٿينديون، ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج هوندو، اهو پهريون موقعو ناهي ته عمران خان ان طرح جي چئلينج کي منهن ڏئي رهيو ??هي، عمران خان زندگي ۾ سدائين وڏا چئلينج ورتا آهن، موجوده چئلينجز کي به انجام تائين پهچائي ساهه پٽيندو. هن چيو ??ه جيڪڏهن قومي اسيمبلي جو اجلاس 22 تي نه ٿيو ??ه 25 تي ٿي ويندو، ان ۾ ڪهڙي قيامت اچي ويندي، هن چيو ??ه موجوده مخالف ڌر او آءِ سي جي خلاف جيتري مهم هلائي ايتري ڀارت ۽ اسرائيل به نه ڪئي، جيڪي ماڻهو اٿي ب??هي چوندا آهن ته او آءِ سي ڪانفرنس ڪري ڏيکاريو، انهن کي شرم اچڻ گهرجي، هن چيو ??ه مولانا فضل الرحمان پنهنجي پوري سياسي ڪيريئر ۾ اسلام جي نالي تي ووٽ ورتو پر هن اسلام لاءِ ڪهڙي خدمت ڪئي، وفاقي وزير چيو ??ه عمران خان دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف مهم شروع ڪئي ناموس رسالت ﷺ تي پهرو ڏنو، عمران خان پاڪستان ۾ اسلامي فلاحي مملڪت لاءِ اڳتي وڌي رهيو ??هي، هن چيو ??ه مخالف ڌر جي معصوم ليڊر اسلامي پرڏ??هي وزيرن جي ڪانفرنس کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسلامي پرڏ??هي وزيرن جي ڪانفرنس جي تاريخ هڪ سال پهرين طئي ٿي، ان جي حتمي تاريخ جو اعلان به 6 کان 8 مهينا پهرين ٿيو، مخالف ڌر پنهنجي قرارداد 10 ڏينهن کانپوءِ جمع ڪرائي ها ته ڪهڙي قيامت اچي ها، هن چيو ??ه مخالف ڌر جون سموريون ڪوششون پاڪستان جي مفادن کي نقصان پهچائڻ لاءِ آهن، هن چيو ??ه وزيراعظم عمران خان، مولانا فضل الرحمان ۽ ان جي نام نهاد اتحاد جي خلاف ڄمي بيٺل آهي، هن چيو ??ه اسان باغي ميمبرن کي ست ڏينهن موقعو ڏنو آهي اهي واپس اچي وڃن، جيڪڏهن واپس نٿا اچن ته تاحيات نااهلي ٿيندي، اهڙا ميمبر پنهنجي ٻارن کي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه هوندا. هن چيو ??ه قومي اسيمبلي جي قرارداد تحت ٽن ڏينهن لاءِ قومي اسيمبلي هال اسلامي سربراهي ڪانفرنس کي ڏنو ويو ??هي، ان تي مخالفت ڌر جي مخالفت قابل مذ??ت آهي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر مخالف ڌر جي هر ڳالهه مڃيندو رهي ته ٺيڪ آهي، وفاقي وزير چيو ??ه ن ليگ جو ميڊيا سيل پي ٽي آءِ جي ڊي پيز ٺاهي ??وج جي خلاف مهم هلائي رهيو ??هي، ??وج ۽ پي ٽي آءِ ۾ وڇوٽيون وجهڻ لاءِ ن ليگ جي اهڙي سازش ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي. عمران خان جي حڪومت ۽ پاڪستاني ??وج ملڪ جي استحڪام جون آئينه دار آهن، ??وج حڪومت جي پويان بيٺل آهي.