اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري ش??هي??ه شاهد جي قيادت ۾ وفد نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي ??ي) جو دورو ڪيو جتي اين آءِ ٽي ??ي جي سي اي او بابر مجيد ڀٽي ۽ سندس ٽيم وفد جي آجيان ڪئي. ان دوري ۾ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي سي اي او بابر مجيد ڀٽي ??پريشنز بابت هڪ جامع بريفنگ ڏني. وفد ڊيٽا سينٽر جو دورو پڻ ڪيو. اين آءِ ٽي ??ي ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي وچ ۾ تعاون جي امڪاني شعبن ۾ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿي. انهن گڏيل ڪوششن جو مقصد ٻنهي ادارن جي صلاحيتن کي وڌيڪ ف??ئدمند بڻائڻ آهي. ان موقعي تي جي ٽو بي ۽ جي ٽو جي ۽ جي ٽو سي تي پڻ تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دوري جي موقعي تي مختلف ادارن جي لاءِ ٺاهيل ??يو??پمينٽ ايپليڪيشنز بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ ايپليڪيشن جي استعمال جو طريقو پڻ ٻڌايو ويو. دوري جي موقعي تي ٻنهي ادارن مستقبل ۾ پڻ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.