ٽوڪيو – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جاپان جي وزيراعظم شنزو ابي سان هتي وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ جاپان ۾ تازي سامونڊي طوفان بگي بيس سان ٿيندڙ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ اف??وس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر جاپان جي شهنشاهه جي تاج پوشي ت?? کيس مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ت?? ان سان جاپان جي عوام لاءِ وڌيڪ خوشحالي ۽ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو.