اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪامياب جوان پر??گرام جي پهرين مرحلي ۾ 100 ارب روپيا رکيا ويا آهن، سمورا قرض ميرٽ تي ڏنا ويندا، وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته قوم ۽ معاشرو ميرٽ کي فروغ ڏئي فلاح ۽ ترقي حاصل ڪري سگهي ٿو. سماجي رابطن واري ويب سا??يٽ ٽوئيٽر تي ڇنڇر ڏينهن پنهنجي هڪ پيغام ۾ خاص معاون ڪامياب جوان پر??گرام تح?? قرض حاصل ??ند?? نوجوانن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته هي پر??گرام مستقبل جي معمارن جي ڪاميابي جي ضمانت ۽ انهن جي ترقي لاءِ اڻٽر آهي.