اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عظيم باڪسر محمد علي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ان جو عقيدو مادي نظرين کان مٿانهون ٿي ان پڪي ي??ين تي ٻڌل هو ته جانورن جي ڀيٽ ۾ انسانن جي وجود جو هڪ اعليٰ مقصد آهي، سندس طاقت ۽ حوصلو اڄ به پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ مشعل راهه آهي. سماجي ر??بط?? جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئون ان ڳالهه تي ي??ين رکان ٿو ته محمد علي هڪ عظيم رانديگر هو، نه رڳو ان لاءِ جو هو باصلاحيت، ذهين ۽ باهمت انسان هو، پر ان لاءِ جو سندس عقيدو مادي نظرين کان مٿانهون ٿي ان پڪي ي??ين تي ٻڌل هو ته جانورن جي ڀيٽ ۾ انسانن جي وجود جو هڪ اعليٰ مقصد آهي. وزيراعظم چيو ته سمورين مشڪلاتن جو مقابلو ڪندي پنهنجي عقيدي تي پورو لهندي هن پنهنجي راند جي زن??گي جي بهترين سالن ۽ منافعو ڏيندڙ آمدني جي قرباني ڏني. سندس طاقت ۽ همت اڄ به پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هڪ ريڊيو رڪارڊنگ پڻ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ محمد علي جي پيشيواراڻي زن??گي ۽ ٽي وي انٽرويوز دوران مختلف موقعن تي بيان ڪيل سندس زن??گي جي مختلف رخن کي اجاگر ڪيو ويو آهي.