ڪراچي – 11 جولاءِ (اي پي پي) ملير ۾ زمينن تي قبضن جون هلندڙ خبرن تي پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ سنڌاسمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ پنه??جي وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته 2018ع ۾ سنڌ حڪومت خلاف ڪمند معاملي تي احتجاج ڪرڻ بعد پيپلزپارٽي منهنجو آواز بند ڪرائڻ لاءِ مختلف قسم جا طريقا استعمال ڪري رهي آهي گذريل ٻن سالن کان پيپلزپارٽي وارا منه??جي ۽ منه??جي عزيزن خلاف مختلف درخواستون ڪري رهيا آه?? جيڪي ڪوڙيون ثابت ٿيون آهن. 2019ع ۾ زمينن تي قبضي بابت ڪ??س داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تي اي سي سي ڪميٽي، جنه?? جي اڳواڻي چيف سيڪريٽري ڪندو آهي سمورا وڏا آفيسر ڪميٽي ۾ شامل هوندا آهن ڪيس کي رد ڪري روينيو ۾ موڪليو هو جتان به اهو ڪيس رد ٿي چڪو آهي.