اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ج?? تازي فيصلي جي آج??ان ڪندي خصوصي ماڻهن جي حوالي سان مستنند دستاويز جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. سوشل ميڊيا ??ي پنهنجي پيغام ۾ صدر سپريم ڪورٽ ج?? خصوصي ماڻهن جي حوالي سان فيصلي کي بهترين قرار ڏيندي چيو ته اهو فيصلو خصوصي ماڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آهي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جي حوالي سان صحيح دستاويز ۽ انگ اکر جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ڀرپور طري??ي سان ادا ۽ مالي طور تي بااختيار ٿي سگهن. سپريم ڪ??رٽ 14 جولاءِ کي پنهنجي فيصلي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي حڪم ڏنو آهي ته خصوصي ماڻهن کي هائوسنگ، ٽرانسپ??رٽ ۽ نوڪرين سميت عوامي جاين تي سهولتون فراهم ڪن.