اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پ??ڪس??ان جو نئون سياسي نقشو پهريون ??دم آهي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، نئون سياسي نقشو قوم جي جذبن جي ترجماني ڪري ٿو، اسان چاهيون ??ا ته ڪشميرين کي جلد انهن جي منزل ملي، ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين، منزل تائين پهچڻ کان اڳ ان جو تصور ذهن ۾ آڻڻ لازمي هوندو آهي. پ??ڪس??ان جو نئون سياسي نقشو جاري ڪرڻ جي قوم کي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته اهو نقشو پهريون ??دم آهي، ڀارت 5 آگسٽ جو جيڪو قدم کنيو هيءَ نقشو ان جي نفي آهي، والاريل ڪشمير جا ماڻهو پ??ڪس??ان جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا، مون کي يقين آهي ته اهي پنهنجي منزل تائين ضرور پهچندا. هن چيو ته وفاقي ڪابينا سياسي نقشي جي باقاعده منظوري ڏني، ڪشمير مئسلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۾ آهي. عمران خان چيو ته اسان سياسي جدوجهد ڪنداسين، ف??جي جدوجهد کي نه ٿا مـڃون، ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين، جيستائين زندهه آهيان پ??ڪس??اني قوم ڪشمير جي لاءِ جدوجهد ڪندي. هن چيو ته نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي واضح طور تي ظاهر ڪيو ويو آهي، ڪشمير پ??ڪس??ان جو حصوبڻجندو هي نقشو پهريون ??دم آهي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، پ??ڪس??ان جي سمورن سياستدانن نئين نقشي جي تائيد ڪئي.