اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته زندگي جي مختلف شعبن ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ صحافين، ليکڪن، ليکارين، فنڪارن ۽ عظيم شخصيتن کي سلام پيش ڪريان ٿو، باصلاحيت ??اڻهو ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، انهن جي صلاحيتن جي اعتراف جي ذريعي ئي نئين ٽيلينٽ کي اڀاري سگهجي ٿو، اميد آهي ته پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ صلاحيتن کي مڃائيندڙ اهي ماڻهو وڌيڪ ڏيئا روشن ڪندا ويندا، اهو ملڪ قائداعظم محمد علي جناح رح ۽ انهن جي ساٿين جي عظيم جدوجهد ۽ اسان جي بزرگن جي قربانين جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، اهو آزاد وطن اسان جو گهر آهي، ا??ان کي گڏجي ان وطن جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار اد اڪرڻو آهي. پريس انفارميشن ڊيپارٽمينٽ آزادي جي ڏهاري جي موقعي تي انهن شخصيتن جي اعتراف ۾ تقريب جي انعقاد جو بهترين قدم کنيو آهي، اميد آهي ته مستقبل ۾ به اهو سلسلو جاري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ ن??ريات واري وزارت جي ذيلي اداري پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ وطن لاءِ ڪم ڪندي نالو پيدا ڪندڙ صحافين، ليکڪن?? مصنفين، ا??اڪارن ۽ فن موسيقي سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ ايوارڊز ورها??ڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.