اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وف??قي ڪابينا اڳوڻن صدرن ۽ وزيراعظمن تي ٿيل خرچن ۽ مراعاتن جو جائزو وٺڻ جي ??دا??ت ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جي نتيجي ۾ صدر ?? وزيراعظم کي رڳو هڪ ڪئمپ آفيس رکڻ جي اجازت هوندي، وف??قي ڪابينا نوان گيس ٽرمينلز قائم ڪرڻ ۽ گئس جي پهچ جي لاءِ نئين پائيپ لائين وڇائڻ جي لاءِ رائٽ آف وي جو مسئلو حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ڪابينا اين آءِ ٽي بي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان تجويزون اقتصادي رابطا ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي ??دا??ت ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وف??قي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏين??ي ٻڌايو ته ڪابينا موٽروي سانحي جي مرڪزي جوابدار جي گرفتاري تي پنجاب حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.