ڪوئيٽا – 02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته صحت پ??وگ??ام جو مقصد غريبن کي علاج جون بهترين ??هو??تون فراهم ڪرڻ آهي، اڄ عوامي خدمتن جي سفر جو هڪ سنگ ميل عبور ڪيو پيو وڃي، هڪ هڪ شهري کي ??هو??ت فراهم ڪرڻ تائين اهو سفر جاري رهندو. گورنر هائوس ۾ ڪوئيٽ?? جي مستحق خاندانن ۾ صحت ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسڪيم تحت موذي خطرناڪ بيمارين جو مفت علاج ٿيندو، هاڻي ڪنهن غريب کي پنهنجي علاج جي لاءِ پنهنجي گهر جو سامان وڪڻڻو نه پوندو. مستحق ماڻهن جا انگ اکر بي آءِ ايس پي ۽ نادرا کان حاصل ڪيا ويا. آئون عوام جي ان کان به وڌيڪ خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته سيڙپڪاري ۽ ??هو??تن جي فراهمي جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ امن امان ٿئي، بدامني جي ماحول ۾ ر??زگار جا موقعا نه ٿا ملن، اسان سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهيا آهن، ملڪ کي بدعنواني کان پاڪ ڪرڻو آهي ته جيئن ڪا مافيا عوام جي مفاد سان نه کيڏي.