اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي ص??احڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم سان طالبان جي وفد جي ڪا به ملاقات ناهي ٿي، ان ڏس ۾ نشر ۽ شايع ٿيڻ وارين خبرن ۾ صداقت نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ??ه طالبان پوليٽيڪل ڪميشن جي وفد سان گذريل ڏينهن پرڏ??هي آفيس ۾ ڳالهين جو ا??عقاد مفاهمتي عمل جي لاءِ سٺو سنئوڻ آهي.