اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڌرڻي جا ڪارڪن ميدان ۾ جڏهن ته اڳواڻ بسترن ۾ آهن، اهو کليو تضاد آهي، عالم دي?? جو ڪم اصلاح هوندو آهي ڪنهن جي ذات تي گند اڇلائڻ ناهي هوندو، مولانا فضل الرحمان سياسي ميدان ۾ مذهبي ڪارڊ استعمال ڪري رهيو آهي، پارليامينٽ هائوس ??اهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ??ه حڪومت طرفان ڳالهين جا دروازا کليل آهن، حڪومت معاشي محاذ، آئيني ادارن، عدالتي سڌارن، سياسي سڌارن ۽ معاشي سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي.