اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي التميمي گروپ آف ڪمپنيز جي چيئرمين شيخ طارق ع??ي عبدا??له التميمي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران واپار وارو صلاحڪار عبدالر??اق دائود ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان شيخ طارق ع??ي عبدا??له التميمي کي ڀليڪار چوندي حڪومت طرفان ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ ب??بت کنيل قدمن ۽ باصلاحيت سيڙپڪارن لاءِ ون ونڊو آپريشن جي سهولت ب??بت آگاهه ڪيو.