اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته قانوني طريقو، بينڪنگ چينل يا پاڪستان پوسٽ جي ذريعي رقم پاڪستان موڪليندڙ پرڏيهي پاڪستانين کي مراعتون ڏينداسين، ميرٽ تي ٻڌل نظام ئي ڪامياب ٿيند?? آهي، پي آءِ اي سميت ٻين ادارن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ پرعزم آهيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ڪستان پوسٽ جي ذريعي مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ جي اسڪيم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.