اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خور??ڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته موجوده صورتحال خاص طور تي رمضان مهيني کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ ۽ ٻين ضرورت جي شين جي طلب ۽ پهچ تي گهري نظر رکي وڃي ته جيئن وقت سر فيصلا ڪري سگهجن ۽ ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ خور??ڪ جي کوٽ نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خور??ڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام سا?? ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ڪڻڪ جي اسمگلنگ جي روڪٿام، مڪڙن جي خاتمي جي حوالي سا?? قدمن ۽ ايندڙ سا?? معياري ڪڻڪ جي پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ بهتر ٻج جي استعمال جي حوالي سا?? تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.