اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان س??ن حزب اسلامي افغانستان جي اڳواڻ گلبدين حڪمت ??ار اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغان امن عمل ۽ پاڪ افغان ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان گلبدين حڪمت ??ار جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻطرفا تاريخي دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ افغانستان جي عوام سان ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ افغانستان سان ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي ورجايو.