اسلام آباد-20 ڊ??مب?? (اي پي پي) ڀارتي سينيئر سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري 19 ڊ??مب?? تي قابض ڀارتي فوجن طرفان لائن آف ڪنٽرول جي رک چڪري سيڪٽر ۾ جنگبندي جي بنا جواز ڀڃڪڙين تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ اکوڙي ڳوٺ جي 25 ساله صفيره سخت زخمي ٿي پئي. پرڏيهي ترجمان موجب سينيئر ڀارتي سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاجي خط سندس حوالي ڪيو ويو ۽ کيس چيو ويو ته قابض ڀارتي فوج ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊريءَ جو مسلسل ڀڃڪڙيون ڪندي آرٽلري، ڳر?? ۽ ??ودڪار هٿيارن ذريعي عام شهريءَ کي نشان?? بڻائي رهيون آهن. ڀارتي سفارتڪار کي ٻُڌايو ويو ته شهري آبادين کي ڄاڻي واڻي نشان?? بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ، انساني عظمت ۽ وقار، عالمي انساني حق?? ۽ ??ين الاقوامي انساني قانونن جي سڌي ڀڃڪڙي آهي.