اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ??ي مسيحي برادري کي ڪرسمس ڏڻ جون دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ هڪٻئي جي عقيدن ۽ نظرين جي احترام جي ذريعي ئي امن ۽ ترقي جي عمل کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ سڄي دنيا ۾ امن جي فروغ لاءِ بين المذاهب هم آهنگي انتهائي اڻٽر آهي ۽ دنيا ??ا سمورا مذهب امن، محبت، برداشت ۽ انسانيت جي احترام جو سبق ڏين ٿا. پائيدار امن جي قيام لاءِ بين المذاهب مڪالمه ضروري آهي، هن چيو ته انفرادي ۽ اجتماعي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن دنيا کي امن جو گهوارو بنائي سگهجي ۽ اهو ڏينهن ان لحاظ کان ??نتهائي اهم آهي ته ان ڏينهن ان ??ظيم مسيحا جو ظهور ٿيو جنهن انسانيت کي امن، برداشت ۽ محبت جو درس ڏنو، سينيٽ چيئرمين چيو ته مسلمان ??ي حيثيت سان ??ضرت عيسيٰ عليه السلام الله تعاليٰ جي پيغمبر جي طور تي اسان ??ي لاءِ قابل قدر آهي ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جو امن ۽ محبت جو پيغام ۽ تعليم اسان ??ي لاءِ ايت??ي ئي اهم آهي جيتري اسان ??ي عيسائي ڀ??ئرن ۽ ڀينرن لاءِ اهميت رکندي آهي.