اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (ا?? پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي ۾ س?? پيڪ ??حت جاري منصوبن تي ڪم کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي، چشمه رائيٽ بئنڪ ڪينال منصوبي جي تڪميل لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ ۽ خا?? مددگار ارباب شه??اد سميت لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي.