اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو آهي ته پا??ستان ميڪسيڪو سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو، حڪومت سمورن ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ميڪسيڪو ۾ پا??ستان جي نامزد سفير ڊ??ڪٽ?? امان رشيد سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ??يان موجب صدرعارف علوي چيو ته نامزد سفير ميڪسيڪو سان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت، سياحت ۽ تعليم سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري، پا??ستان ميڪسيڪو سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو، هن چيو ته حڪومت سمورن ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ميڪسيڪو سان گڏيل واپار جي ڪاٿي ۾ اضافي جي ضرورت آهي.