اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڻ سڌي ٽيڪس جو ب??ر سڀ کان وڌيڪ غر??ب طبقن تي پوندو آهي، اڻ سڌي ٽيڪس جو ب??ر گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، غر??ب ۽ وچولي طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ معاشي ٽيم کائڻ پيئڻ جي درآمدي شين تي لاڳو ٽيڪسن ۾ به گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪري. سومر ڏينهن اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ عام ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان امڪاني قدمن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسد عمر?? مخدوم خسرو ب??تيار، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ ج?? گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، نديم بابر، تابش گوهر ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.