اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عوام ڪڏهن به ڪرپشن بچائڻ يا ذاتي مفادن جي لاءِ ٻاهر ناهي ??ڪرندي، پي ڊي ايم جي تحريڪ کي پذيرائي نه ملي سگهي، وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر جي دٻاءُ ۾ نه آيو ۽ نه ئي ايندو، ڪرپشن جي خلاف سفر جاري رهندو، وزيراعظم يا ڪابينا جي ڪنهن ميمبر اڃا تائين ڪورونا بچاءُ ويڪسين ناهي ??ڳرائي، پارليامينٽ جو پنهنجو وقار آهي، هتي چونڊيل عوامي نمائندا اچن ??ا، غيرچونڊيل ماڻهو اچي سياسي طور تي پارليامينٽ جو استعمال ڪرڻ غلط آهي، مخالف ڌر حڪومت مخالفت ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تحفظ جي بل جي مخالفت ڪئي، ان جي مذمت ڪريون ??ا، ميڊيا هائوسز کي اشتهارن جي مد ۾ ڪافي حد تائي?? ادائيگيون ڪري ڇڏيون آهن، ايندڙ هفتي وڌيڪ 5 ڪروڙ ادا ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ميڊيا مالڪن کي اپيل آهي ته اهي ڪنهن به حالت ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جون پگهارون دير سا?? ادا نه ڪن، وزيراعظم کي تجويز ڏني آهي ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي به صحت ڪارڊ ڏنو وڃي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس پروگرام ۾ ڳالهائي رهيو هو.