اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انصاف ۽ قانون جي عملداري کا??سواءِ رياستن جو وجود ختم ٿي ويندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان جي نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته اوهان کا?? پهرين ڪيتريون ئي قومون ان لاءِ تباهه ٿي ويون ته انهن ۾ طاقتور جي لاءِ هڪ قانون جڏهن ته ڪمزور جي لاءِ ٻيو قانون هو. هن چيو ته تاريخ شاهد آهي ته رياستون اخلاقي زوال ۽ بدعنواني جي ڪري تباهه ٿي ويون، ڇاڪاڻ جو اخلاق?? طاقت کا??سواءِ ڪا به رياست پنهنجي شهري?? کي انصاف فراهم نٿي ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته انصاف ۽ قانون جي عملداري کا??سواءِ رياستن جو وجود ختم ٿي ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن رياست وٽ اخلاق?? طاقت نه رهي ته هو طاقتور ڏوهارين سان مڪه مڪا (اين آر آو) شروع ڪندي آهي. هن چيو ته سينيٽ جون تازيون چونڊون اهو ظاهر ڪن ٿيون ته ڪهڙي طرح اسان اخلاقي رخ وڃائي رهيا آهيون.