اسلام آباد/ اناتاليه – 25 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکندو، سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي سبب متاثر ملڪ هجڻ جي ناطي ان ناسور کي پاڙ ??ان پٽي اڇلڻ لاءِ اسان پرعزم آهيون، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان پار??ن ڏنل جاني ۽ مالي قربانين جي ڪري دهشتگردي جو خاتمو ممڪن ٿيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر اسد قيصر اهڙن خيالن جو اطهار ترڪي جي شهر اناتاليه ۾ ”دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ علائقائي رابطا مضبوط بڻائڻ“ جي باري ۾ پارليامينٽس جي ??سپ??ڪرز جي چوٿين ڪانفرنس ??ي خطاب ڪندي ڪيو. ??سپ??ڪر اسد قيصر ڪانفرنس ??ي خطاب ڪندي چيو ته اولهه ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي ڪري مسلمان امت کي سيڪيورٽي جا ڪيترائي خطرا لاحق آهن. هن چيو ته ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ۽ اسلام بطور امن جي مذهب جي ان جي اصل چهري کي روشن ڪرڻ کانسواءِ اسلامو فوبيه کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل رابطن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. ??سپ??ڪر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان وسيع تر علائقائي رابطن جي لاءِ قدم جاري رکندو ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۽ علائقائي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ جي ??سپ??ڪرز جي ڪانفرنس ??ي علائقائي ضرورتن جي لاءِ موثر بڻائيندو، رابطي کي علائقائي امن ۽ خوشحالي جو سنگ بنياد قرار ڏيندي ??سپ??ڪر فليگ شپ چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي تحت پاڪستان طرفان جاري اڳڀرائي تي روشني وڌي.