اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ عمل ۾ شفافيت لاءِ آءِ ووٽنگ جي نظام جي اهميت تي زور ڏيندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته جد??د سيڪيورٽي خاصيتن جي حامل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري جي عمل کي وڌ??ڪ تيز ڪرڻ ڪيو وڃي، انٽرنيٽ ووٽنگ سسٽم سان نه رڳو سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولت ملندي پر مجموعي چونڊ عمل ۾ به بهتري اي??دي. هو انٽرنيٽ ووٽنگ بابت اي??رجنگ ٽيڪنالاجيز بابت ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪ??ي رهيو هو. صدر ملڪ ۾ چونڊ عمل ۾ شفافيت لاءِ آءِ ووٽنگ جو نظام متعارف ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان ڏس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته جد??د سيڪيورٽي خصوصيتن جي حامل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري جي عمل کي وڌ??ڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته انٽرنيٽ ووٽنگ سسٽم متعارف ٿيڻ سان جتي سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولت ميسر اي??دي اتي ان سان ملڪ جي مجموعي چونڊ عمل ۾ به بهتري اي??دي. صدر چيو ته چونڊ عمل جي ساک محفوظ بڻائڻ لاءِ چونڊ سامان جي سيڪيورٽي ۽ ٻي عمل کي فول پروف ۽ شفاف هجڻ گهرجي. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزارت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري لاءِ قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني.