گلگت – 30 اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته ??ئون جمهوريت پسند آهيان ڪنهن آمر جي حمايت نٿو ڪري سگهان، ملڪ مان پئسو چوري ڪري ٻاهر کڻي ويندڙ ماڻهو ملڪ جا غدار ۽ قومي ڏوهاري آهن، انصاف ۽ قانون جي بالادستي کانسواءِ ملڪ به ملڪ خوشحال نٿو ٿي سگهي، وڏا ۽ طاقتور ماڻهو چوري ڪندا آهن ته ??ن سان ملڪ تباهه ٿي ويندا آهن، انهن قومن جي تباهي ٿيندي آهي جتي امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قانون هجن، منهنجي تربيت چورن جي خلاف جدوجهد جي آهي ۽ ان جدوجهد ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين، گلگت بلتس??ان ۾ سياحت جا ايترا موقعا موجود آهن ته هي مرڪز کان پئسا وٺڻ بدران ان کي ڏئي سگهي ٿو، گلگت بلتس??ان لاءِ 370 ارب روپين جو پيڪيج شروعات آهي وڌيڪ به مدد ڪنداسين، اسڪردو ايئرپورٽ کان عالمي اڏامون هلايون وينديون. گلگت ۾ ترقياتي پيڪيج جي اعلان جي موقعي تي تقريب کي خطب ڪندي وزيرا??ظم عمران خان چيو ته گلگت بلتس??ان جي لاءِ اهڙو پيڪيج ڏيڻ چاهيان ٿو ته ??نهن سان هتي ترقي اچي تنهن هوندي به قرض ۽ ان جون قسطون ڏيڻ جي ڪري پئسا نه هئا، هر جڳهه کان فنڊز جو مطالبو آهي تنهن هوندي به اسان ان جي باوجود گلگت بلتس??ان لاءِ تاريخي پيڪيج ڏنو آهي، ه?? چيو ته ??ڏهن آئون 15 سالن جو هئس تڏهن اسڪول طرفان هتي جو دورو ڪيو هتي جا ڊرائيور وڏي مهارت رکندا آهن، کين سلام پيش ڪريون ٿا، هتي انفرااسٽرڪچر نه هجڻ جي ڪري پاڪس??ان سميت دنيا جو ان سان رابطو نه هو، ه?? ??لا??قو دنيا کان ڌار هو، هتي هاڻي به رستا خطرناڪ آهن اسان انهن کي بهتر ڪري رهيا آهيون، ه?? چيو ته مون سوئٽزرلينڊ سميت دنيا جي خوبصورت ??لا??قا ڏٺا تنهن هوندي به مون کي فخر آهي ته گلگت بلتس??ان انهن کان گهڻو خوبصورت آهي، هتي دنيا جا وڏا جابلو سلسلا، سرسبز ميدان وڌيڪ خوبصورت آهن، جڏهن ٻاهران واپس آيس ته پنهنجي دوستن کي هتي وٺي آيس مون هتي جي خوبصورتي کي ڪتابي شڪل ڏني، ان سان دنيا کي ان ??لا??قي جي خوبصورتي کان آگاهي ٿي. هن چيو ته مون تڏهن اهو واعدو ڪيو هو ته ??يڪڏهن ڪڏهن موقعو مليو ته ??ن ??لا??قي نه پر پوري پاڪس??ان جي خدمت ڪندس، ه?? چيو ته ماضي ۾ حڪمران گرميون گذارڻ ٻاهرين ملڪ ويندا هئا، سندن اولاد اتي تعليم حاصل ڪندو هو، سندن جائيدادون اتي هيون، اهي هن ??لا??قي ۾ هيلي ڪاپٽر تي چڪر لڳائي وٺندا هئا، وزيرا??ظم چيو ته ??ن ??لا??قي ۾ انڊسٽريل زورن کان وڌيڪ سمال انڊسٽريز فائديمند ٿي سگهن ٿيون، هتي جو ميوو دنيا ۾ بهترين ذائقي وارو آهي، هتي فوڊ پروسيسنگ يونٽس ٺاهي سگهجن ٿا، هتي سياحت ۾ سڀ کان وڌيڪ موقعا آهن، ه?? ??لا??قو رقبصي ۾ سوئٽزرلينڊ کان ٻيڻ تي وڏو آهي، هتي خوبصورتي وڌيڪ آهي.