اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??رونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??رونا وائرس سبب 84 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجو?? مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پا??ان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 923 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ??وو?? – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 59 سيڪڙو، لاهور ۾ 30 سيڪڙو، پشاور ۾ 28 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 36 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 34 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 40 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 31 سيڪڙو، ملتان ۾ 37 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??ويڊ – 19 جا 52 هزار 393 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 937، پنجاب ۾ 21 هزار 390، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 78، اسلام آباد ۾ 3 هزار 331، بلوچستان ۾ هڪ هزار 652، گلگت بلتستان ۾ 331، آزاد ڪشمير ۾ 674 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 60 هزار 385 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 442 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 48 هزار 937 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 30 هزار 511 آهي .