اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيرا??ظم کي بلوچستان پيڪيج تحت جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظ?? عمران خان چيو ته بلوچستان جي ترقي، حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حڪومت بلوچستان لاءِ تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو. هن چيو ته بلوچستان جي افرادي قوت ملڪ جو اصل ثاثو آهي، حڪومت بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي.