اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري چيو آهي ته نبي ڪريم صلي ا??له عليه وسلم جن جي اسوه حسنه تي عمل ڪر?? گهرجي، اسان کي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ لاءِ نبي پاڪ صلي ا??له عليه وسلم جن جي سيرت مبارڪه تي عمل جي ضرورت آهي.
نماز مؤمن جو معراج آهي، اڄوڪي ڏينهن اسان جي پياري نبي حضرت محمد صلي ا??له عليه وسلم جن سان وفا جي عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي، انساني تاريخ م سڀ کان مبارڪ ڏينهن 12 ربيع الاول جو ڏينهن آهي. اهڙو اظهار هن قومي رحمت اللعالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته قومي رحمت اللعالمين ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، جن ماڻهن ان حوالي سان ڪوشش ڪئي ا??له تعاليٰ سندن ڪوششن کي قبو?? فرمائي.
هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان علامه اقبا?? فرمايو هو ته ”ڪي محمد سي وفا توني تو هم تيري هين، يه جهان چيز هي ڪيا، لوهه و قلم تيري هين.“ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان طرفان رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ هڪ احسن قدم آهي. هن چيو ته وزيراعظم اڄ جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو اڄ کان 70 سال پهرين ٿي?? گهرجي ها. هن چيو ته اڄ جو نوجوان اسوه حسنه تي عمل پيرا ٿي ڪامياب ٿي سگهي ٿو.