اسلام آباد – 26 R11; آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ??ريشي رياض ۾ پنهنجي سعودي هم منصب شهزاد فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن عالمي سطح تي خاص طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي فورمز تي ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ سفارتخاني جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود ??ئا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ??ريشي ماحوليات جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس جي انعقاد تي سعودي هم منصب کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته ماحوليات جي حوالي سان منعقد ??ها ڪانفرنس خطي ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين ڪانفرنس آهي، شاهه محمود ??ريشي اميد ظاهر ڪئي ته ان ڪانفرنس جي انعقاد سان خطي جي ملڪن کي ماحولياتي تبديلين جي خراب اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي موقف اختيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻه طرفي لاڳاپن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هلندڙ سال نيويارڪ ۽ اسلام آباد ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن ??و حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن عالمي سطح تي خاص طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي فورمز تي ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير سعودي هم منصب کي اف??انستان ۾ اڀرندڙ انساني بحرن جي خطري کان آگاهه ڪندي اف??انستان ۾ ڊگهي امن ۽ معاشي استحڪام لاءِ عالمي برادري پاران ٺوس ۽ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.