اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پو??يو جي خاتمي جي 2 سالا ايمرجنسي ايڪشن پلان جي منظوري ڏيندي چيو ??هي ته اسان سڀني کي گڏجي پو??يو وائرس جو ??اتمو ڪرڻو آهي، عالمي بر??دري کي پو??يو جي خاتمي ۾ افغانستان جي به مدد ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو ??ظهار وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ پو??يو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم پو??يو جي خاتمي جي موثر قدمن تي صوبائي صحت جي کاتن ۽ ضلعي انتظاميه کي خراج تحسين پيش ڪندي عالمي حصيدارن جو مالي ۽ ٽيڪنيڪي امداد تي ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ??ه سردي جي موسم ۾ پو??يو جي پکيڙ جي شرح گهٽ ٿيندي آهي ۽ ٻارن جي ايمونائزيشن لاءِ اهو ئي موذون ترين وقت هوندو آهي. اسان سڀني کي گڏجي پو??يو وائرس جو ??اتمو ڪرڻو آهي. هن چيو ??ه عالمي بر??دري کي پو??يو جي خاتمي ۾ افغانستان جي به مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن هنگامي صورتحال کان بچي سگهجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻارن جي ٻين ايمونائزيشن پروگرامز کي به پو??يو جي خاتمي جي مهم سان گڏ ??لا??و وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ڪوريج حاصل ڪري سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ??ه ايندڙ پنج سالن جي لا3 798.6 ملين ڊالر جو پي سي ون منظوري جي لاءِ تيار آهي جنهن ۾ عالمي ادارن ۽ حڪومت پاڪستان جي مالي مدد شامل آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ??ه سال 2020ع ۾ پو??يو جا 84 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته گذريل 10 مهينن ۾ ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو ??يڪا پاڪستان جي پو??يو جي خاتمي جي حوالي سان وڏي ڪاميابي آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ??ه پاڪستان ۾ پو??يو وائرس افغان پناهگيرن جي ذريعي داخل ٿيندو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ??ه پاڪستان کي 36 مهينن جو ??رصو بنا ڪنهن پو??يو ڪيس جي رپورٽ ٿيڻ جي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ورلڊ هليٿ آرگنائيزيشن پاران ”پو??يو فري“ سرٽيفڪيٽ حاصل ٿي ويندو، انجنيئر ان چيف پاڪستان آرمي اجلاس کي پو??يو تيمن کي فراهم ڪيل سيڪيورٽي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، عالمي ادارن جي نمائندن پو??يو جي خاتمي واري مهم جي موثر قيادت تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ مڪمل تعاون جي عزم جو ??ظهار ڪيو. عالمي ادارن جي نمائندن جو ??ڪومت پاڪستان جي پو??يو جي خاتمي وارن قدمن تي مڪمل اعتماد جو ??ظهار ڪيو ويو، ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ خاص مددگار فيصل سلطان، خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان، پنجاب جي وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخوا جي وڏو وزير محمود خان، گلگت بلتستان جي وڏو وزير خالد خورشيد، بلوچستان جي صحت واري وزير سيد احسن شاهه، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، انجنيئر ان چيف پاڪستان آرمي ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز، سمورن چيف سيڪريٽرين، ب??يو ايڇ او، يونيسيف سي ڊي سي، گاوي، بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ روٽري انٽرنيشنل جي اعليٰ عملدارن ۽ سينئر سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.