اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ساحلي سياحت جي فروغ لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم عمران خان سان بحري معاملن واري وفاقي وز??ر ??يد علي حيدر زيدي ۽ آمريڪن بزنس ڪائونسل پاڪستان جي ايگزيڪيٽو ميمبر عدنان اسد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عدنان اسد وز??راعظم کي بزنس ڪائونسل جي ميمبرن ۽ سيڙپڪارن جي موجوده حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي نتيجي ۾ وڌندڙ ا??تماد جي باري ۾ آگاهه ڪيو، پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وز??ر ??يد علي حيدر زيدي وز??راعظم کي ساحلي سياحت جي موجوده صلاحيت ۽ وزارت جي ان جي فروغ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. وز??راعظم ساحلي سياحت کي فروغ لاءِ کنيل قدم تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.