اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ مهانگائي، ملاوٽ ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف قدمن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن ٿيو جنهن ۾ ص??بن وزيراعظم کي ضروري شين جي دستيابي ??ابت بريفنگ ڏني، وزيراعظم عمران خان صوبائي حڪومتن کي ملاوٽ ڪندڙ عنصرن جي خلاف فوري ڪارروائي، فوري طور تي پرائس مانيٽرنگ، نيشنل ڊيمانڊ اينڊ سپلاءِ سيل ۽ بلوچستان ۾ فوڊ ٽيسٽنگ ليبارٽري قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائ??ند?? چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مهانگائي، ملاوٽ ڪندڙن ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف قدمن جو جائزو ورتو ويو.