اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي ڪامياب اق??صا??ي پاليسين جي ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي جيڪا ملڪي معيشت جي استحڪام کي ظاهر ڪري ٿو ۽ عالمي مالياتي ادارا به ان ج?? اعتراف ڪري رهيا آهن، اسان کي قومي واڌ جي شرح ۾ اضافي لاءِ برآمدات وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. وزيراعظم هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته بجلي ۽ گئس جي وڌيڪ قي??تن سبب پيش ايندڙ مسئلن جو ج??ئزو وٺڻ لاءِ اجلاس ايندڙ هفتي منعقد ڪيو ويندو، وزيراعظم ملڪ کي درپيش معاشي مسئلن جي سببن تي تفصيلي ڳالهه ??ولهه ڪندي چيو ته موجوده صورتحال جي تاريخ 10 سالن تي ٻڌل آهي.