اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن پي ٽي وي سميت قومي ادارن کي سياسي ڀرتيون ڪري تباهه ڪيو آهي، اسان سڀني قومي ادارن کي سڌارن جي ذريعي ترقي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. تحريڪ انصاف پي ٽي وي ۾ هڪ به ڀرتي نه ڪئ??، ٽي وي چئنلن جي مالڪن سان طئي ٿيل فارمولي تحت انهن جي رهتن جي باقي رقم به ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئ?? ويندي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دور??ن چوڌري محمد برجيس طاهر جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جي بقايائن ج?? حوالي سان ٽن قسمن جا بل هئا جنهن ۾ پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جي دور جي ٻن سالن جي بلن بابت مالڪن سان ڳالهيون ٿيون آهن، اسان آخري ٻن سالن جي بلن جي ادائيگي جو فيصلو ڪيو، ڪل رقم هڪ ار?? 15 ڪروڙ روپيا بڻجندي هئي جنهن مان اڌ ادا ڪئ?? وئي ۽ بقايا رقم ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئ?? ويندي، هن چيو ته علائقائي اخبارن کي اشتهارن جي فراهمي ج?? حوالي سان نئون ميڪنزم ٺاهيو پيو وڃي، جنهن جا تفصيل سامهون آندا ويندا.