اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني ڀارتي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي ذريعي ان علائقي ۾ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تب??يل ڪرڻ جي ڀارتي ارادن جي خلاف پاڪستان عالمي سطح تي ڀرپور سفارتي مهم هلائي. ان مهم ذريعي عالمي برادري ۽ عالمي ادارن کي ڀارت جي غيرجمهوري ۽ ا??ساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف ڪڌن قدمن ک??ن آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي غيرقانوني ارادن کي جانچيندي والاريل ڪشمير جي صورتحال کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پهرين آگسٽ 2019ع تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي هڪ خط لکيو جنهن ۾ والاريل ڪشم??ر ۾ انساني حقن جي وڌندڙ سنگين خلاف ورزين، سري نگر ۾ اضافي فورسز مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڀارتي جي امڪاني غيرقانوي قدمن ک??ن آگاهه ڪيو ويو ۽ گڏيل قومن تي واضح ڪيو ويو ته پاڪستان ڪنهن به اهڙي ممڪن ڀارتي قدم جي ڀپرور مخالفت ڪندو جنهن سان والاريل ڪشم??ر ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 5 آگسٽ تي ڀارتي غيرقانوني قدم ۽ ان ک??نپوءِ خطي ۾ امن امان جي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران عالمي سطح تي سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون ۽ 40 کان وڌيڪ ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان رابطو ڪيو ۽ ا??هن کي ڊوميسائيل قاعدن ۾ تبديلي ذريعي والاريل ڪشم??ر ۾ آبادياتي تناسب تب??يل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن ک??ن آگاهه ڪيو. ان ک??نسواءِ پرڏيهي وزير سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيا ۽ ا??هن کي ڀارتي ارادن ک??ن آگاهه ڪيو.