اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته لاهور موٽروي تي پيش ايندڙ واقعو پوري قوم جي لاءِ بدنما داغ آهي، ان واقعي جا اسان جي ايندڙ نسلن تي اثر پ??ندا. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر پ??هنجي ريمارڪس ۾ چيو ته لاهور جي واقعي تي بحث ٿئي ڇو ته اهو واقعو پوري قوم جي لاءِ بدنما داغ آهي ۽ ان جا ايندڙ نسلن تي اثر پ??ندا. عالمن، دانشورن ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجي ٻارن ۽ ٻارڙين جي تحفظ جي لاءِ اڳتي اچڻ ??هر??ي. اسان جون به ٻارڙيون، مائرون ۽ ڀينرون آهن، هن مسئ??ي تي بحث ڪري ڪوتاهيون ختم ڪرڻ ??هر??ن. سيد نويد قمر چيو ته لاهور جي واقعي تي اسان التوا واري رٿ جمع ڪرائي آهي. اسان به چاهيون ٿا ته ان تي تفصيلي بحث ڪرايو وڃي. ان معام??ي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر بڻجي نه پر پاڪستان جو شهري بڻجي پنهنجي راءِ ڏين. جتي جتي ڪوتاهي آهي اها ختم ڪرڻ جي لاءِ تجويزون سامهون آنديون وڃن.