اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان جي ??دا??ت ۾ توانائي بابت معاملن تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ توانائي واري وز??ر عمر ايوب خان، اطلاعات وارو وز??ر چوڌري فواد حسين، منصوبابندي وارو وز??ر مخدوم خسرو بختيار، توانائي وارو سيڪريٽري عرفان علي، توانائي بابت ٽاسڪ فورس جو چيئرمين نديم بابر، ڊاڪٽر فيض احمد چوڌري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. توانائي جي شعبي ۾ ملڪ کي درپيش مسئلن خاص طور تي گردشي قرضن جو جائزو وٺندي وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته صرف 18 -2017ع ۾ گردشي قرضن ۾ 450 ارب روپين جو اضافو ٿيو جنهن جو بنيادي سبب ان وق?? جي حڪومت ج?? اهو سياسي فيصلو هو جنهن تحت وزارت کي اها هدايت ڪئي وئي ته سئو سيڪڙو بجلي چوري جي علائقن ۾ به بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي جاري رکي وڃي.