اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران وفاقي ٽيڪس محتسب جي ??يصلن جي خلاف داخل ڪيل 30 هڪ جهڙيون اپيلون رد ڪندي ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته هو غيرمستقل ليڪچررز جي ??گهارن تي غيرمنصفاڻي ۽ غيرمعقول ٽيڪس ڪٽوتي جو عمل بند ڪري. صدر وفاقي ٽيڪس محتسب جي ??يصلي کي برقرار رکندي چيو ته ايف بي آر پاران سيمسٽرز کان سيمسٽرز عارضي طور تي رکيل ليڪچررز جي 36 هزار رپيا ماهوار پگهار تي 20 سيڪڙو جي شرح سان ود هولڊنگ انڪم ٽيڪس جي ??صولي غيرقانوني ۽ بدانتظامي جو عمل آهي. صدر ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته عورتن بابت پوسٽ گريجوئيٽ ڪ??لي?? يا اهڙي قسم جي ??ين تعليمي ادارن جي ??يڪچررز تي ود هولڊنگ ٽيڪس جو بار نه وڌو وڃي. هن ريجنل ٽيڪس آفيسر پشاور کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل قانوني شقن تحت انهن ڪيسن تي ٻيهر ڪارروائي ڪري ۽ سمورن ود هولڊنگ ايجنٽس کي صدر جي ??يصلي تي عملدرآمد جي ??اءِ ضروري هدايتون جاري ڪري ۽ 45 ڏينهن جي اندر تعميل جي رپورٽ ڏي. صدر ايف بي آر جي انهن دليلن کي رد ڪري ڇڏيو ته ليڪچررز کي ادائيگيون ”خدمتن“ جي زمري ۾ اچن ٿيون جنهن ۾ 20 سيڪڙو جي شرح سان ود هولڊنگ ٽيڪس لڳايو وڃي ٿو. هن چيو ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي سيڪشن 149،12 ۽ 153 (1) (b) تحت ملازمت جي ڪنهن به صورت ۾ يعني ريگيولر، ايڊهاڪ، عارضي، ڏهاڙي اجرت، هنگامي حالتن وغيره تي رکيل ملازمن کي ملندڙ ا??رت کي ”پگهار“ طور تي ئي شمار ڪيو ويندو ۽ ”پگهار مان آمدني“طور تي ئي ٽيڪس لڳايو ويندو. هن چيو ته ليڪچررز خدمتون حاصل ڪندڙ ادارن سان ”ملازم – مالڪ“ تعلق تحت ڪم ڪري رهيا هئا ۽ قانون موجب انهن جي ا??رت کي پگهار جي برابر ئي سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان جي ڪري، انهن جي ا??رت کي ”پگهار تي ٽيڪس“ جي دائري مان خارج نه ٿو ڪري سگهجي. صدر عارف علوي پنهنجي ??يصلي ۾ چيو ته ڪيسن جي حالتن ۽ حقيقتن جي ڏس ۾ محتسب ج?? حڪم جائز ۽ ٺوس قانوني بنيادن تي ٻڌل هئا، تنهن ڪري ايف بي آر جي ??مائندگي کي رد ڪيو وڃي ٿو.