اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ??هي ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي قائداعظم جي ٻڌايل رهنما اصولن کي اختيار ڪرڻو پو??دو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم جي 144 هين يوم پيدائش جي موقعي تي ڪيو جي??و 25 ڊسمبر تي نهايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح 20 هين صدي جو عظيم اڳواڻ ۽ مسلمان امت جي اتحاد جي علامت هو، اسپيڪر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي??و ڪارنامو سرانجام ڏنو تاريخ ۾ ان جو متوازي پيش ڪرڻ کان قاصر آهي، هن چيو ته قائداعظم جي اصولن اتحاد، ايمان ۽ تنظيم ک?? اختيار ڪري نه رڳو ملڪ کي درپيش مسئل?? تي ضابطو آڻي سگهون ٿا پر پنهنجي عملي زندگي کي به بهتر بڻائي سگهون ٿا.